تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

وچ اوڀر جي تازي ڇڪتاڻ واري صورتحال تي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس

- Advertisement -
وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس ٿيو جنهن ۾ چين، روس ۽ الجزائر حماس اڳواڻ اسماعيل هنيه جي قتل جي مذمت ڪئي. حماس اڳواڻ اسماعيل هنيه جي شهادت کانپوءِ ايران جي درخواست تي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس سڏايو ويو. اجلاس ۾ وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ روڪڻ لاءِ سفارتي ڪوششون تيز ڪرڻ تي زور ڏنو ويو. ايراني سفير عامر سعيد چيو ته تهران هميشه صبر جو مظاهرو ڪيو آهي پر جواب ڏيڻ جو حق آهي، سلامتي ڪائونسل کي اسرائيلي حملي جي مذمت ڪرڻ گهرجي ۽ ان تي پابنديون لڳائڻ گهرجن. ان تي نائب اسرائيلي سفير جونٿن ملر چيو ته سلامتي ڪائونسل ايران تي علائقائي دهشتگردي جي حمايت ڪرڻ تي پابنديون لڳايون، اسرائيل پنهنجي دفاع جو حق رکي ٿو، نقصان ڪندڙن کي طاقت سان جواب ڏيندو. ان موقعي تي چيني سفير فو ڪانگ چيو ته غزه ۾ جنگبندي جي ناڪامي خطي ۾ ڇڪتاڻ جو سبب آهي. سلامتي ڪائونسل ۾ برطانوي سفير باربرا ووڊورڊ چيو آهي ته اسرائيل ۽ فلسطين کي امن لاءِ نئين سر ڪوششون ڪرڻ گهرجن. آمريڪي نائب سفير رابرٽ ووڊ چيو آهي ته اثر رسوخ رکندڙ ملڪ ايران تي ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ دٻاءُ وجهن، جڏهن ته نائب جاپاني سفير چيو ته وچ اوڀر جنگ جي ڪناري تي پهچي چڪو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.4 ° C
29.4 °
29.4 °
14 %
1.5kmh
2 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون