تازه ترين

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ آبپاشي کاتي جو اجلاس

- Advertisement -
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ايل بي او ڊي  تمام اهم منصوبو آهي، ڍورو نارو پراڻ کان شڪور ڍنڍ تائين پاڻي جي نيڪالي جي پراڻي رستن کي بحال ڪيو ويو آهي، هو جلد منصوبي جو افتتاح ڪندو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ آبپاشي کاتي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آبپاشي واري وزير ڄام خان شوري، صوبائي صلاحڪار احسان مزاري، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سيڪريٽري آبپاشي ظريف کيڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شوري بريفنگ ڏني ته ايل بي او ڊي سائفنز جي اڏاوت ٿي چڪي آهي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته  ايل بي او ڊي اسپائنل ايسڪيپ ريگيوليٽر جو آر ڊي 210 تي ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام خان شوري بريفنگ ڏيندي چيو ته ڍورو پراڻ ۽ شڪور ڍنڍ کي به بحال ڪيو ويو آهي. سيڪريٽري آبپاشي وڏي وزير کي بريفنگ ڏني ته 17 سئو 35 ڪلوميٽرن تي ٻڌل 204 نيڪالي جي نالن جو پاڻي ايل بي او ڊي ۾ڇوڙ ٿئي ٿو، ايل بي او ڊي سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ بدين کي ڪور ڪري ٿو. صوبائي وزير ڄام خان شوري ٻڌايو ته ايل بي او ڊي سسٽم 125 ايم ايم مارش جو پاڻي  48 ڪلاڪن ۾ نيڪال ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. وڏي وزير کي بريفنگ ڏني وئي ته2020 ۽ 2022  جي برساتن ايل بي او ڊي منصوبي جا مسئلا ظاهر ڪيا، بدين، ميرپورخاص، سانگهڙ ۽ نوابشاهه جي زمين ٻوڏ سبب گهڻي خراب ٿيندي رهي آهي. اجلاس دوران آگاهي ڏني وئي ته 2022  ۾ آر ڊي 7 ۽ 8 ۾ پراڻ ڍوري کي گهارو لڳو،  آر ڊي 8 جو گهارو بند ٿي ويو پر آر ڊي 7 جو گهارو وڏي ڏکيائي سان بند ٿيو هو. اجلاس دوران وڏي وزير چيو ته ايل بي او ڊي  تمام اهم منصوبو آهي،  هو جلد منصوبي جو افتتاح ڪندو…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.3 ° C
24.3 °
24.3 °
50 %
2.1kmh
0 %
خميس
31 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون