تازه ترين

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي تي طلب ڪري ورتو

- Advertisement -
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي تي طلب ڪري ورتو آهي. سنڌ ڪابينا جو اجلاس وزيراعليٰ هائوس ڪميٽي روم ۾ منجهند هڪ وڳي ٿيندو، جنهن ۾ 59 ايجنڊائون شامل ڪيون ويون آهن. اجلاس دوران صنعت، زراعت ۽ ڪمرشل زمينن لاءِ نون شرطن جي منظوري ڏني وئي،حيدرآباد ۾ قبرستان لاءِ زمين الاٽ ڪرڻ 7 بيس پرائس جي منظوري به ايجنڊا ۾ شامل آهي. ڪابينا اجلاس ۾ ڪيپٽو پاور پلانٽس جي غير قانوني سبسڊي واري معاملي تي انڪوائري جي حڪم بابت به غور ويچار ڪيو ويندو. اجلاس فوران سنڌ فلم سينسر بورڊ جي چيئرمين خالد شاهين جي مدي ۾ واڌ جي منظوري ورتي ويندي، جڏهن ته پاڪستان شگر سيڪٽر جي ڊي ريگيوليشن تي قطعي تجويز لاءِ اجلاس ڪوٺايو ويندو. اجلاس ۾ حيدرآباد سکر موٽر وي ايم سڪس جي الاٽمينٽ ۾ پيل سرڪاري زمين جي الاٽمينٽ جي منظوري ورتي ويندي، جڏهن ته سنڌ فوڊ اٿارٽي جي غير سرڪاري ميمبرن جي مقرريءَ جي به منظوري ورتي ويندي. ڪابينا هاڪس اسڪيم 42 ۾ ڪراچي پريس ڪلب لاءِ 700 رهائشي پلانٽن جي الاٽمينٽ جي به منظوري ڏيندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
51 %
2.8kmh
15 %
آچر
23 °
سُومر
28 °
اڱارو
30 °
اربع
31 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون