تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس

- Advertisement -
سنڌ حڪومت پاران ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ 3 کان 6 نومبر تائين پاڪستان انٽرنيشنل ميري ٽائيم ايڪسپو اينڊ ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ پاڪستان انٽرنيشنل ميري ٽائيم ايڪسپو اينڊ ڪانفرنس جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، سيد غني، ذوالفقار شاهه، ڄام اڪرام ڌاريجو، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، ڪمانڊر ڪراچي وائيس ايڊمرل محمد فيصل عباسي، پاڪستان نيوي ۽ سنڌ حڪومت جا اعليٰ آفيسر شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ بريفنگ ڏني تي پي آءِ ايم اِي سي جي ٽئين ايڊيشنل ۾ مختلف ملڪن جا وفد وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندا. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پي آءِ ايم اِي سي جي ڪاميابي حڪومت، ڪاروباري برادري ۽ عوام جي سهڪار سان ممڪن آهي وڏي وزير فوري طور تي پي آءِ ايم اِي سي لاءِ سڀني لاڳاپيل صوبائي ادارن کي متحرڪ ڪندي ڪي ايم سي، واٽر بورڊ ۽ ٽريفڪ اختيارين کي اثرائتا قدم کڻڻ جو حڪم ڏنو. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته پاڪستان کي دنيا ۾ هڪ بااثر، جديد ۽ نمايان سامونڊي طاقت طور دنيا ۾ اڀارڻ سندن مقصد آهي. هن چيو ته هو سڀ قومي اتحاد، گڏيل عزم ۽ پختي ارادي جي جذبي هيٺ متحد آهن. سندس چوڻ هو ته پي آءِ ايم اِي سي معيشت، قومي سلامتي ۽ عالمي رابطي جي مقصدن سان مطابقت رکي ٿو. مراد علي شاهه چيو ته پي آءِ ايم اِي سي 2025 “بليو اڪانومي” جي ويزن کي هٿي ڏيندو، سنڌ حڪومت هميشه “بليو اڪانومي” جي ترقي ۾ اڳڀري رهي آهي. وڏي وزير چيو ته ڪراچي پورٽ کي ڄام صادق پل سان ڳنڍڻ لاءِ شاهراهه ڀٽو پروجيڪٽ شروع ڪيو پيو وڃي، شاهراهه ڀٽو هڪ انقلابي منصوبو جيڪو ڪراچي ۾ واپار ۽ مال برداري جي حرڪت کي موثر بڻائيندڙ انقلابي منصوبو آهي. ڪمانڊر ڪراچي وائس ايڊمرل فيصل عباسي جو چوڻ هو ته وڏو وزير مراد علي شاهه هميشه ميري ٽائيم ايڪسپو جي تنظيم جي مڪمل حمايت ڪندو رهيو آهي. وائس ايڊمرل فيصل عباسي چيو ته بليو اڪانومي جي ترقي لاءِ ميري ٽائيم ايڪسپو اينڊ ڪانفرنس تمام ضروري آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
27 %
1.3kmh
10 %
خميس
24 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
27 °

تازه ترين خبرون