تازه ترين

وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان سمورن کاتن کي ترقياتي ڪمن جي رفتار تيز ڪرڻ جي هدايت

- Advertisement -
وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان سمورن کاتن کي ترقياتي ڪمن جي رفتار تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، خاص مددگار، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ سرڪار ڪراچي شهر لاءِ 83 ارب رپين جو پئڪيج ڏنو آهي. سندس چوڻ هو ته ترقياتي بجيٽ بهتر انداز ۾ عوام جي ڀلائي لاءِ استعمال ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ايف ڊبليو او ڪراچي شهر ۾ ترقياتي منصوبن تي ڪم ڪندي. هن جو چوڻ هو ته ٽرانسپورٽ، روڊ، نيڪال نظام، پاڻي ۽ صحت جا منصوبا مڪمل ٿيڻ تي ڪراچي دنيا جو بهترين شهر بڻجي ويندو، صنعتي ۽ زرعي ترقي صوبي جي معيشيت لاءِ تمام گهڻي اهم آهي. وڏي وزير صوبائي وزيرن کي هدايت ڪندي چيو آهي ته اهي ترقياتي ڪمن جي پاڻ نگراني ڪن……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
23.4 ° C
23.4 °
23.4 °
37 %
2.2kmh
41 %
اڱارو
23 °
اربع
30 °
خميس
29 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون