تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

وڏي وزير پاران ميرپورخاص ۾ اربين رپيا ماليت واري زمين جا کاتا تبديل ڪرڻ واري معاملي نوٽيس

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير، ميرپورخاص ۾ اربين رپيا ماليت واري زمين جا کاتا تبديل ڪرڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺندي ٻن ڪمشنرن ۽ بورڊ آف روينيو تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪري فراڊ ۾ ملوث آفيسرن جو پتو لڳائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وڏي وزير مراد علي شاھ ميرپورخاص جي تعلقي حسين بخش مري ۾ پي سي بي گرائونڊ ويجھو اربين رپيا ماليت جي 22 ايڪڙ زمين، ملاح ڪالوني ۾ 5 ايڪڙ زمين، اقبال ٽائون ۾ سرڪاري 6 ايڪڙ زمين، سبزي منڊي جي سرڪاري دڪانن، ڪولڊ اسٽوريج کي فراڊ ذريعي وڪرو ڪرڻ ۽ کاتا مٽائڻ واري معاملي جو نوٽيس ورتو. ان سلسلي ۾ ڪمشنر شھيد بينظير آباد، ڪمشنر ميرپورخاص ۽ بورڊ آف روينيو جي جڊيشل ميمبر تي ٻڌل ٽه رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آھي. ڪميٽي کي 15 ڏينھن اندر معاملي جي جاچ مڪمل ڪري فراڊ ۾ ملوث ماڻھن جو پتو لڳائڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو. ان ڏس ۾ ڪمشنر ميرپورخاص، ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر، اسسٽنٽ ڪمشنر تعلقا حسين بخش ۽ مختيارڪار تعلقا حسين بخش سان گڏجاڻي ڪئي. ڪمشنر ميرپورخاص فيصل احمد عقيلي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تھ ان ڏس ۾ ڪميٽي جي چيئرمين ڪمشنر شھيد بينظير آباد وٽ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي آھي، جنھن ۾ لاڳاپيل عملدارن کي رڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.1 ° C
29.1 °
29.1 °
12 %
0.4kmh
3 %
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
29 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون