- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هو وڪيلن سان گڏجي معاشري ۾ برابري واري قانون جي حڪمراني لاءِ ڪم ڪندا.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر رياست علي آزاد سميت ٻين نوَن عهديدارن کي واڌايون ڏنيون آهن.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاهور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئشن، ملتان هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ۽ حيدرآباد هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي نوَن چونڊيل ميمبرن کي واڌايون ڏنيون.
بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته بار ايسوسيئيشنز آئين جي حڪمراني ۽ انصاف جي اصولن جو علم بلند رکن ٿيون.
هن چيو ته پيپلزپارٽي 1973ع جي آئين جي خالق آهي ۽ ملڪ جي بنياد کي مضبوط ڪرڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي.
بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي هميشه وڪيل برادري سان سٺا لاڳاپا رکيا آهن جنهن سان جمهوريت مضبوط ٿي آهي.- Advertisement -
