تازه ترين

يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪري ڇڏيو آهي. برطانوي وزيراعظم اسٽارمر اتحادين خلاف آمريڪي ٽيرف جي استعمال کي غلط قرار ڏنو آهي. برطانوي پرڏيهي وزير يويٽ ڪوپر بھ چيو ته گرين لينڊ جو مستقبل رڳو گرين لينڊ جي رھواسين ۽ ڊينمارڪ سان آهي. ڊينمارڪ وزيراعظم چيو ته يورپ صدر ٽرمپ جي ڌمڪين ۾ نه ايندو. ڊينارڪ جي پرڏيهي وزير واضح ڪيو ته صدر ٽرمپ ڌمڪين ذريعي گرين لينڊ تي ڪنٽرول حاصل نه ٿو ڪري سگهي. هن خبردار ڪيو ته گرين لينڊ تي آمريڪي فوجي ڪارروائي نيٽو جي ٽٽڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿي. فرانس، جرمني ۽ ناروي پڻ آمريڪي صدر ٽرمپ جي ڌمڪي کي بليڪ ميلنگ قرار ڏنو. يورپي ردعمل لاءِ خميس يورپي يونين جو هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو آھي. ياد رھي تھ ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪي صدر گرين لينڊ تي قبضي جي مخالفت ڪندڙ يورپي ملڪن تي ٽيرف جو اعلان ڪيو هو. ٽرمپ پھرين فيبروري کان يورپي ملڪن مان ايندڙ سڀني شين تي 10 سيڪڙو ٽيڪس ۽ پھرين جون کان ان کي 25 سيڪڙو تائين وڌائڻ جو اعلان ڪيو، انهن يورپي ملڪن ۾ برطانيه، ڊينمارڪ، ناروي، سوئيڊن، فرانس، جرمني، هالينڊ ۽ فن لينڊ شامل آهن…………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.4 ° C
26.4 °
26.4 °
20 %
2.6kmh
3 %
ڇنڇر
26 °
آچر
34 °
سُومر
34 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون