تازه ترين

يورپ ۾ جوڙا تقريب جو خرچ ڪڍڻ لاءِ پنهنجي ئي شادي جا ڪارڊ وڪرو ڪرڻ لڳا

- Advertisement -
- Advertisement -

فرانس ۽ اٽلي ۾ شاديءَ جي حوالي سان هڪ منفرد ۽ دلچسپ رجحان سامهون آيو آهي، جتي هاڻ ماڻهو پئسا ڏئي ٻين جي شادين ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن. هاڻي شادي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ دعوت نامي جي ضرورت ناهي، رڳو هڪ ٽڪيٽ خريد ڪريو ۽ ڪنهن ٻئي جي خوشيءَ جو حصو بڻجي وڃو.

فرانس جي هڪ عورت، ڪاتيه ليڪارسڪي، 2025 جي شروعات ۾ هڪ اسٽارٽ اپ ‘انوائٽ’ جي بنياد رکي، جنهن جو مقصد شاديءَ ۾ شرڪت جا خواهشمند ماڻهن کي اهڙين شادين تائين پهچ ڏيڻ هو، جتي کين دعوت نه هوندي، اهو خيال تڏهن سامهون آيو، جڏهن ڪاتيه جي پنج ورهين جي ڌيءَ سوال ڪيو، “اسان کي شادين ۾ ڇو نه سڏيو ويندو آهي؟”

ڪاتيه ان خيال کي حقيقت جو روپ ڏنو ۽ هاڻ ‘انوائٽ’ پليٽ فارم تي ڪيترائي جوڙا پنهنجي شادين ۾ شرڪت لاءِ ٽڪيٽون وڪرو ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ماڻهو خوشيءَ سان سئو يورو تائين ادا ڪري انهن تقريبن جو حصو بڻجي رهيا آهن. ان سان نه صرف نون شادي شده جوڙن کي خرچ گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي رهي آهي، پر شرڪت ڪندڙن کي هڪ منفرد سماجي تجربو پڻ حاصل ٿي رهيو آهي.

هڪ يوزر، لورين، ‘دي گارڊين’ سان ڳالهائيندي ٻڌايو، “منهنجي فيملي وڏي ناهي، تنهنڪري مون کي گهڻين شادين ۾ وڃڻ جو موقعو نٿو ملي. هي پليٽ فارم مون کي مختلف روايتن ۽ تقريبن کي ڏسڻ جو موقعو ڏئي ٿو، ۽ مان ڊانس فلور تي ڀرپور لطف وٺندي آهيان.”

شادي ڪندڙ ڪيترائي جوڙا به چون ٿا ته اهو صرف پئسو ڪمائڻ لاءِ ناهي، پر هڪ دلچسپ تجربو لاءِ به آهي. پيرس ويجهو پنهنجي شاديءَ جي تياري ڪندڙ جينيفر ۽ سندس مڙس پالو ٻڌايو ته هو 100 ويجهن مائٽن کي دعوت ڏئي رهيا آهن، پر ڪجهه اجنبي مهمانن کي شامل ڪرڻ سندن لاءِ هڪ نئون ۽ خوشگوار تجربو ٿيندو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
5 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
23.7 ° C
23.7 °
23.7 °
14 %
2.4kmh
0 %
ڇنڇر
24 °
آچر
24 °
سُومر
23 °
اڱارو
23 °
اربع
24 °

تازه ترين خبرون