ٺٽي جي اسپتال ۾ الٽي ۽ دست جي بيماري ۾ مبتلا 3 ٻارڙا فوت، ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام

- Advertisement -
ٺٽي جي اسپتال ۾ الٽي ۽ دست جي بيماري ۾ مبتلا 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا جڏهن ته سندن وارثن ڊاڪٽرن تي مبينا غفلت ۽ علاج جي سهولت نه ملڻ جو الزام لڳايو آهي. سول اسپتال ۾ دست ۽ الٽي جي بيماري مبتلا مڪلي واسي ڏيڍ سال جي ماجد ۽ 103 موري واسي ٻن ورھين جو اسحاق کوسو سميت 3 ٻارڙا سول اسپتال ۾ فوت ٿي ويا. فوت ٿيل ٻارڙن جي وارثن امين لاسي ۽ امير کوسو الزام ھڻندي چيو ته سندن معصوم ٻارڙا دست ۽ الٽي ۾ مبتلا ھئا جن کي علاج لاءِ اسپتال پهچايو ۽ ڊاڪٽرن کي علاج لاءِ منٿون ڪندا رھيا پر ڊاڪٽرن جي ڌيان نه ڏيڻ ۽ علاج نه ٿيڻ ڪري تڙپي تڙپي فوت ٿي ويا. ھنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڊاڪٽرن ۽ اسپتال انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.6 ° C
23.6 °
23.6 °
27%
1.1m/s
0%
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
30 °

تازه ترين خبرون