- Advertisement -
ٺٽي جي ڪوهستاني پٽي ۾ برساتن بعد چوپائي مال ۾ بيماري پکڙجي وئي.
مالوندن جو چوڻ آهي ته برساتن بعد لائيو اسٽاڪ کاتي پاران ڪو به تحرڪ ناهي ورتو ويو، جنهن ڪري چوپائي مال ۾ بيماري پکڙجي وئي آهي.
هنن چيو ته رين ايمرجنسي اجلاس ۾ چوپائي مال کي ويڪسين نه ٿيڻ جو دانهون به ڪيو هو، کاتي جي عملدارن جي هدايت باوجود اڃا تائين ويڪسين وارو عمل شروع ناهي ڪيو ويو.
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي چوپائي مال کي ويڪسين شروع ڪرايو وڃي……..
- Advertisement -
