- Advertisement -
ٺٽي ويجهو هٿياربندن سوزوڪي ڊرائيور کي ڦر دوران مزاحمت تي قتل ڪري ڇڏيو.
جاڙادالي روڊ تي ڪراچي کان ڳوٺ واپس ويندڙ سوزوڪي ڊرائيور کي هٿياربندن روڪي ورتو.
هٿياربندن ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي ڊرائيور روشن جاڙو کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
نوجوان جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.- Advertisement -
