- Advertisement -
ٺٽي ڀرسان رائلٽي ٽيڪس تان ٽرڪ ڊرائيورن ۽ ملازمن ۾ جهيڙي دوران 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ٻنهي ڌرين پاران ڌار ڌار احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
سدا بهار ويجهو رائلٽي ٽيڪس تان ٽرڪ ڊرائيورن ۽ ملازمن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو.
جهيڙي دوران ٻنهي ڌرين جا ست ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ٻنهي ڌرين پاران قومي شاهراهه تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
پوليس واقعي واري هنڌ پهچي صورتحال تي ضابطو آڻي زخمين کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.- Advertisement -
