- Advertisement -
خيرپور جي ڪچي ۾ پوليس جي ٽارگيٽڊ آپريشن دوران مسافر ڪوچن مان مسافرن مان ڦر ڪندڙ هڪ ڏوهاري مارجي ويو.
ايس ايس پي خيرپور ڊاڪٽر سميع الله سومرو جي سربراهي ۾ خيرپور جي ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف ٽارگيٽڊ آپريشن ڪيو ويو.
ايس ايس پي خيرپور جو چوڻ آهي ته پوليس آپريشن دوران مسافر ڪوچن مان ڦر ڪندڙ ڏوهاري جاويد عرف شعبان ناريجو مارجي ويو آهي.
ايس ايس پي خيرپور جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڏوهاري بدنام ڏوهاري مختيار ناريجو جو ڀاءُ هو، سندس لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
ايس ايس پي خيرپور جو چوڻ هو ته مارجي ويل ڏوهاري تي پوليس مقابلن جا ڪيس داخل ٿيل هئا، وڌيڪ ڏوهي رڪارڊ هٿ ڪيو پيو وڃي.
- Advertisement -
