- Advertisement -
ٻٻرلوءِ ويجهو هٿياربند چوڪيدار کي يرغمال بڻائي مال جي واڙي تان 10 مينهون ڦري ويا، پوليس ۽ هٿياربندن ۾ مقابلي بعد هٿياربند 4 مينهون ڇڏي 6 مينهون ڪاهي ڪچي طرف فرار ٿي ويا.
ڳوٺ الله ڏنو شيخ ۾ 10 کان وڌيڪ هٿياربندن عابد شيخ جي واڙي تي ڪاهه ڪري چوڪيدار کي تشدد جو نشانو بڻائي 10 ڀلوڙ مينهون ڪاهي ويا.
اطلاع تي پوليس پهچي ڀاڳين ۽ پوليس چورن جو پيڇو ڪيو، چورن ۽ پوليس ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ بعد چور 4 مينهون ڇڏي 6 مينهون ڪچي طرف ڪاهي فرار ٿي ويا.
شيخ برادري جا ماڻهو ۽ ٻيا ڳوٺاڻي ٿاڻي تي پهچي ويا، ايس ايس پي خيرپور ڊاڪٽر سميع الله سومرو کان نوٽيس وٺي مينهون واپس ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.
- Advertisement -
