- Advertisement -
ٽرمپ جي ڌمڪي ڪم ڪري وئي، ڪولمبيا جلاوطن مهاجرن کي واپس وٺڻ تي راضي ٿي ويو.
آمريڪا مان جلاوطن مهاجرن کي قبول ڪرڻ جي فيصلي کان پوءِ ٽرمپ انتظاميه ڪولمبيا خلاف سخت قدم روڪي ڇڏيا.
پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪولمبيا تي ٽيرف وڌائڻ جي ڌمڪي بعد ڪولمبيا آمريڪا مان ملڪ بدر ڪيل مهاجرن کي قبول ڪرڻ تي راضي ٿي ويو آهي.
ان کان اڳ، آمريڪا مان مهاجرن کي ملڪ بدر ڪرڻ جي فيصلي جي جواب ۾ ڪولمبيا جي صدر مهاجرن کي واپس قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو ته ملڪ جلاوطن مهاجرن کي کڻي وڃڻ واريون پروازون بند ڪندو جيستائين مهاجرن کي باوقار طريقي سان نه موڪليو ويندو.
رپورٽ موجب، ٽرمپ ڪولمبيا جي مهاجرن کي واپس وٺڻ کان انڪار ڪرڻ تي سخت قدمن جي ڌمڪي ڏني هئي، جن ۾ 25 سيڪڙو واپاري ٽيرف ۽ ويزا پابنديون شامل آهن، ۽ هڪ مسودو تيار هو.
ياد رهي ته عهدو سنڀالڻ کان پوءِ ٽرمپ غير قانوني اميگريشن کي قومي ايمرجنسي قرار ڏنو ۽ وڏي پيماني تي ڪريڪ ڊائون جو اعلان ڪيو، جنهن کان پوءِ آمريڪا مان مهاجرن کي ملڪ بدر ڪرڻ جو عمل شروع ٿي ويو آهي.- Advertisement -
