- Advertisement -
ڇاڇري ويجهو ڳوٺاڻي غربت کان تنگ اچي مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو.
ڳوٺ ڪيتاري ۾35 سالن جي مٺا خان کوهه ۾ ٽپو ڏئي پنهنجي زندگيءَ جو انت آندو.
اطلاع تي وارثن پهچي لاش پاڻي مان ڪڍرائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
وارثن جو چوڻ هو ته غربت سبب بيمار نياڻي جو علاج نه ڪرائڻ سبب صدمي ۾ آپگهات ڪيو.
ڳوٺاڻي جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.
ٽنڊو غلام حيدر ويجهو ناري مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو.
ڳوٺ جمن بهراڻي ۾ 19 سالن جي نينا ڪولهي گهرو پريشانين سبب ڦاهو کائي پنهنجي زندگيءَ جو انت آندو.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ناري جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته وارثن موجب ناري گهرو پريشانين کان تنگ اچي آپگهات ڪيو آهي، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.- Advertisement -
