تازه ترين

پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي سٺو سنوڻ آهي، پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي سان قرضن ۾ گهٽتائي ايندي : وزيراعظم

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي سٺو سنوڻ آهي، پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي سان قرضن ۾ گهٽتائي ايندي. وفاقي ڪابينا اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظ۾ شهباز شريف جو چوڻ هو ته سندن پاليسي ريٽ 22 سيڪڙو کان 15 سيڪڙو تي اچي ويو آهي، پاليسي ريٽ جو 15 سيڪڙو تي اچڻ سٺي اڳڀرائي آهي. هن چيو ته پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي ڪاروبار، صنعت ۽ ٻين شعبن لاءِ سٺي خبر آهي، پاليسي ريٽ گهٽجڻ سان قرضن ۾ به گهٽتائي ايندي، ملڪ ۾ معاشي استحڪام لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته مرڪزي بئنڪ گذريل ڪجهه مهينن ۾ پاليسي ريٽ ۾ ترتيبوار گهٽتائي ڪئي، معيشيت مستحڪم بنيادن تي اڳتي وڌي رهي آهي، ايئن ئي بهتري ايندي رهي ته معيشيت سٺي طريقي سان اڳتي وڌندي. شهباز شريف جو چوڻ هو ته هن سعودي عرب جو دورو ڪيو هو، محمد بن سلمان سان ڳالهيون ٿيون، سعودي ولي عهد پاڪستان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، بزنس ٽو بزنس معاهدن تي اڳڀرائي ٿي رهي آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته آذربائيجان سان به 2 ارب ڊالرن جي معاهدن جي حوالي سان ڳالهيون ٿيون، اهو اسان تي لاڳاپيل آهي ته ڪيتري حد تائين ايم او يوز مان فائدو کڻون ٿا……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.7 ° C
26.7 °
26.7 °
11 %
3kmh
0 %
سُومر
26 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °

تازه ترين خبرون