تازه ترين

پاڪستاني عوام فلسطيني ڀائرن جي ڏک سور کي محسوس ڪري ٿو : مولانا فضل الرحمان

- Advertisement -
جمعيت علماءَ اسلام جي سربراهه فضل الرحمان چيو آهي ته پاڪستاني عوام فلسطيني ڀائرن جي ڏک سور کي محسوس ڪري ٿو، هزارين فلسطينين جي شهادت ۽ زخمين تي عالمي برادري خاص طور مسلم دنيا جي خاموشي افسوسناڪ آهي، هو فلسطينين جي جدوجهد ۾ ساڻن ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهن. جمعيت علماءَ اسلام جي سربراهه فضل الرحمان، حماس جي اڳواڻ اسماعيل هنيه سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي. مولانا فضل الرحمان حماس اڳواڻ جي پٽن ۽ پوٽن جي شهادت تي تعزيت ڪئي. مولانا فضل الرحمان جي هدايت تي راشد محمود سومري، قطر ۾ اسماعيل هنيه سان ملاقات ڪئي. راشد محمود سومري اسماعيل هنيه کي مولانا فضل الرحمان جو تعزيتي خط پيش ڪيو. جمعيت علماءَ اسلام جي سربراهه فضل الرحمان چيو ته پاڪستاني عوام فلسطيني ڀائرن جي ڏک سور کي محسوس ڪري ٿو، هزارين فلسطينين جي شهادت ۽ زخمين تي عالمي برادري خاص طور مسلم دنيا جي خاموشي افسوسناڪ آهي، هو فلسطينين جي جدوجهد ۾ ساڻن ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهن. اسماعيل هنيه جده ۾ عالمي ڪانفرنس ۾ فلسطينين لاءِ آواز بلند ڪرڻ تي مولانا فضل الرحمان جا ٿورا مڃيا. اسماعيل هنيه چيو ته غزا واسي ۽ شهيدن جا وارث جمعيت علماءِ اسلام پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام جي امدادي ڪوششن تي ٿورائتا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
20.6 ° C
20.6 °
20.6 °
52 %
4.5kmh
100 %
سُومر
24 °
اڱارو
32 °
اربع
33 °
خميس
28 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون