- Advertisement -
آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڪستاني فوج کي ڪمزور ڪرڻ ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي برابر آهي، کيس يقين آهي ته ڪا به ناڪاري طاقت فوج ۽ عوام جي وچ ۾ اعتماد جي رشتي کي ڪمزور نه ڪري سگهي آهي ۽ نه مستقبل ۾ ڪري سگھندي.
ملڪ جي 77 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ آزادي پريڊ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.
آرمي چيف کي سلامي جي چبوتري تي پهچڻ تي پاڪ فوج يج دستي سلامي پيش ڪئي، تقريب دوران ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي تقرير به هلائي وئي.
پريڊ ۾ ليزر شو لائيٽ جو زبردست ايونٽ رکيو ويو جنهن ذريعي پاڪستان جي تعمير ۽ آزادي جي جدوجهد جا منظر ڏيکاريا ويا جنهن کانپوءِ ڪيڊٽس مارچ پاسٽ ڪيو، ان موقعي تي بينڊ ت قومي نغمن جون ڌنون پيش ڪيون ويونئ
آزادي پريڊ کي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته سندن قومي شعور جي بنياد پاڪستان جو نظريو آهي جيڪو ٻه قومي نظريي تي ٻڌل آهي، پاڪستان جي قيام جو مقصد رڳو هڪ جاگرافيائي خطي جو حصول نه هو، پر هڪ اهڙي فلاحي رياست جو قيام هو، جتي سماج جي سونهري اصولن تي فهم ۽ ادراڪ ذريعي مسلمانن سميت سڀني مذهبن جي ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪري سگهجي.
هن چيو ته رياست مخالف ٻاهريون قوتون ڊجيٽل دهشتگردي ذريعي ڪڌي پروپيگنڊه ڪري رهيون آهن، ڊجيٽل دهشتگردي جو مقصد پروپيگنڊه ذريعي نفاق ۽ مايوسي پکيڙڻ آهي.
آرمي چيف چيو ته آئين راءِ جي اظهار جي آزادي ڏئي ٿو پر آئين اظهار جي آزادي جي واضح حدبندي به ڪئي آهي، دهشتگردي جون قوتون سرگرم عمل آهن، پاڪ فوج کي ڪمزور ڪرڻ پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ برابر آهي، پاڪ فوج کي ڪمزور ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
جنرل عاصم منير وڌيڪ چيو ته پاڪ فوج ۽ عوام دهشتگردي جو بهادري سان مقابلو ڪيو، پاڪ فوج ملڪ جي اندرين ۽ ٻاهرين دفاع جو حلف کنيو آهي، ملڪ جي حفاظت لاءِ قرباني ڏيندڙ جوانن جون قربانيون ضايع نه وينديون…- Advertisement -
