پاڪستان آمريڪا جو چونڊ نتيجن جي جاچ جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
پاڪستان آمريڪا جو چونڊ نتيجن جي جاچ جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو، پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ آهي ته ڪامن ويلٿ عام چونڊن کي صاف ۽ شفاف قرار ڏنو آهي، عام چونڊون پاڪستان جو اندروني معاملو آهي، آمريڪا کي مداخلت ڪرڻ جو حق ناهي، غزا ۾ فوري طور جنگبندي ٿيڻ گهرجي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۾ ملوث آهي، عالمي برادري کي انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان ۾ چونڊ عمل ملڪ جو اندروني معاملو آهي، پرڏيهي ملڪن جي مبصرن ۽ ڪامن ويلٿ مبصرن کي ڀليڪار چيو آهي، هو پنهنجون آئيني ذميواريون ڀرپور انداز ۾ نڀائيندا آهن. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ چونڊ عمل عوام جي اظهار راءِ جي آزادي سان ٿيو، هي ملڪ جي عوام جو حق آهي ته هو پنهنجي راءِ جو آزاداڻو استعمال ڪري سگهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته اليڪشن ڪميشن جو ادارو سموري چونڊ عمل جي نگراني ڪري رهيو هو، ڪامن ويلٿ جي وفد طرفان پاڪستان ۾ چونڊ عمل جي شفافيت جي ڳالهه ڪئي وئي آهي، چونڊن بابت پرڏيهي ملڪن جي نصيحتن جي ضرورت ناهي. هن چيو ته پاڪستان، روس اسٽريٽجڪ گروپ جو اجلاس 7 فيبروري تي ٿيو، جنهن ۾ علاقائي سلامتي سميت مختلف معاملن بابت ڳالهيون ٿيون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان ۽ جمهوريه ڊومينيڪا وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيا، غزا ۽ رفح ۾ اسرائيلي جارحيت جي هو مذمت ڪن ٿا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان غزا ۾ فوري جنگبنديءَ جو مطالبو ڪري ٿو، پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر تي عمل ۽ فلسطينين جي قتل عام کي روڪڻ جو مطالبو ڪري ٿو. ممتاز زهرا بلوچ چيو ته والاريل وادي ۾ هٿين خالي ڪشميرين خلاف ڀارتي ظلم جاري آهي، ڀارت قيد ٿيل سمورن ڪشميرين کي آزاد ڪري. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته والاريل ڪشمير ۾ سياسي اڳواڻن کي نشانو بڻايو پيو وڃي،هو والاريل ڪشمير ۾ جماعت اسلامي جي آفيس تي ڇاپن جي ڀرپور مذمت ڪن ٿا، پاڪستان ڪشميرين جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب ڪشمير مسئلو حل ٿيڻ گهرجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
14.2 ° C
14.2 °
14.2 °
31%
0.3m/s
14%
اربع
14 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون