- Advertisement -
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تيزيءَ جي نئين تاريخ لکي ڇڏي، هنڊريڊ انڊيڪس 80 هزار جي حد به پار ڪري ويو، حڪومت جي پاليسين سبب سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو آهي.
پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ رڪارڊ تيزي جو سلسلو برقرار آهي.
ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي ڏسي ۾ آئي.
12 سئو پوائنٽس جي اضافي سان هنڊريڊ انڊيڪس 80 هزار 2 پوائنٽس جي سطح تي پهچي ويو.
انٽر بينڪ ۾ آمريڪي ڪرنسي جي قيمت مستحڪم آهي جنهن سان انٽر بينڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 60 پيسا تي برقرار آهي.- Advertisement -
