- Advertisement -
پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي جو رجحان برقرار آهي، جڏهن ته هڪ هزار کان وڌيڪ پوائنٽس جي اضافي سان هنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک ڇهه هزار 116 پوائنٽس جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي.
ڪاروباري هفتي جي چوٿين ڏينهن به اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جي شروعات تي زبردست تيزي ڏسڻ ۾ آئي.
ٽريڊنگ دوران پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هنڊريڊ انڊيڪس ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ پوائنٽس جو اضافو ٿيو.
هڪ هزار کان وڌيڪ پوائنٽس جي اضافي سان پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک ڇهه هزار 116 پوائنٽس جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي.
انٽر بينڪ ۾ ڊالر جي ملهه ۾ گهٽتائي جو سلسلو برقرار آهي.
ڪاروباري هفتي جي چوٿين ڏينهن انٽر بينڪ ۾ آمريڪي ڊالر وڌيڪ ست پيسا سستو ٿي ويو، جنهن بعد انٽر بينڪ ۾ آمريڪي ڊالر 277 رپيا 85 پيسا ٿي ويو.- Advertisement -
