- Advertisement -
پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي جو رجحان برقرار آهي، جڏهن ته هڪ هزار کان وڌيڪ پوائنٽس جي اضافي سان هنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک 9 هزار 238 پوائنٽس جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي.
ڪاروباري هفتي جي پنجين ڏينهن به اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جي شروعات تي زبردست تيزي ڏسڻ ۾ آئي.
ٽريڊنگ دوران پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هنڊريڊ انڊيڪس ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ پوائنٽس جو اضافو ٿيو.
هڪ هزار کان وڌيڪ پوائنٽس جي اضافي سان پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک 9 هزار 238 پوائنٽس جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي.
انٽر بينڪ ۾ ڊالر جي ملهه ۾ گهٽتائي جو سلسلو برقرار آهي.
ڪاروباري هفتي جي پنجين ڏينهن انٽر بينڪ ۾ آمريڪي ڊالر وڌيڪ چار پيسا سستو ٿي ويو، جنهن بعد انٽر بينڪ ۾ آمريڪي ڊالر 277 رپيا 81 پيسا ٿي ويو.- Advertisement -
