- Advertisement -
بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پاڪستان افغانستان جي ڀارت سان واپاري راهداري بند ڪري سگهي ٿو.
پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي خواجا آصف چيو ته پاڪستان افغانستان سان هٿياربند ڇڪتاڻ نٿو چاهي، پر طاقت آخري رستو آهي.
هن چيو ته پاڪستان افغانستان جي ڀارت سان واپاري راهداري بند ڪري سگهي ٿو، افغانستان پنهنجي سرزمين تي پاڪستان مخالف دهشتگردن کي روڪڻ ۾ ناڪام رهيو ته راهداري بند ڪري سگهن ٿا، جيڪڏهن افغانستان دشمن جهڙو ورتاءُ ڪندو ته هو ان کي واپاري راهداري ڇو فراهم ڪن؟
سندس چوڻ هو پيغام موڪلڻ جي ضرورت آهي ته سرحد پار کان دهشتگردي وڌي وئي آهي، پاڪستان ڪابل ۾ ڊي فيڪٽو حڪمرانن کي اهو پيغام ڏيڻ چاهي ٿو ته هو معاملا ائين جاري نٿا رکي سگهن.
هن چيو اميد ته افغانستان ٽي ٽي پي کي قابو ۾ رکڻ جو ”واحد مطالبو“ پورو ڪندو ۽ مستقبل ۾ پاڪستان مان فوجي ڪارروائي جي ضرورت کي روڪيندو.
بچاءَ واري وزير وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اهي کين نقصان پهچائي سگهن ٿا ته هو به جوابي ڪارروائي تي مجبور ٿيندا، اهو ضروري ناهي ته دنيا تعريف ڪري، جيڪو پاڪستان جي مفاد ۾ آهي اهو ئي سندن لاءِ ڪافي آهي، هو پنهنجي مفاد جو تحفظ ڪري رهيا آهن پوءِ ڀلي ڪير ان کي ساراهي يا نه.- Advertisement -
