ڪراچي جي علائقي سهراب ڳوٺ ۾ ڦورن جي فائرنگ ۾ 8 ورهين جو نينگر مارجي ويو جڏهن ته سندس چاچو زخمي ٿي پيو.

- Advertisement -
ڪراچي جي علائقي سهراب ڳوٺ ۾ ڦورن جي فائرنگ ۾ 8 ورهين جو نينگر مارجي ويو جڏهن ته سندس چاچو زخمي ٿي پيو. واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس ڦورن جو پيڇو ڪري مقابلي کانپوءِ کيس ماري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڦورو تي 10 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن. پوليس موجب، سهرابڳوٺ جوڻيجو ڪالوني ۾ ڦورو جي فائرنگ ۾ 8 ورهين جو اسرار مارجي ويو جڏهن ته سندس چاچو 20 ورهين جو عباس زخمي آهي. مقتول نينگر جي چاچي ميڊيا کي ٻڌايو ته ٻه ڦورو پاڻ ۾ ڪنهن ڳالهه تان وڙهي رهيا هئا ان دوران هڪ فائرنگ ڪئي جنهن سبب گھٽيءَ ۾ ويٺل ٻار ۽ سندس چاچو زد ۾ اچي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي اطلاع ملندي ئي موقعي تي پهتي ۽ ڦورن جو پيڇو ڪيو ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ڦورو مارجي ويو جنهن جي سڃاڻپ نصر الله جي نالي طور ٿي. پوليس جو چوڻ آهي ته نصر الله عرف روغ ليواني تي 10 ڪيس داخل آهن جن مان9 سهراب ڳوٺ ۽ هڪ گبول ٽائون ٿاڻي تي داخل آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڏوهاريءَ جي ٻين ساٿين جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.8 ° C
26.8 °
26.8 °
18%
1.1m/s
2%
خميس
28 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
27 °
آچر
25 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون