تازه ترين

پاڪستان جي اڀرندڙ باڪسر سمير خان فائنل ۾ دلچسپ مقابلي بعد ڀارت جي بنٽي سنگهه کي شڪست ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
- Advertisement -

پاڪستان جي اڀرندڙ باڪسر ۽ ميڪڊونلڊرز پاڪستان جي باريستا سمير خان بئنڪاڪ ۾ يوٿ ورلڊ باڪسنگ جو ٽائٽل کٽي ملڪ جو نالو روشن ڪيو آهي.

باڪسر سمير خان فائنل ۾ دلچسپ مقابلي بعد ڀارت جي بنٽي سنگهه کي شڪست ڏني.

سمير خان غير معمولي مهارت  ۽ ثابت قدميءَ جو مظاهرو ڪندي يو بي او ورلڊ بينٽم ويٽ چيمپئن شپ جو اعزاز  ماڻيو، سمير خان اهو اعزاز حاصل ڪندڙ پهريون پاڪستاني آهي.

سمير خان جو سفر، جذبي ۽ مسلسل محبت جو هڪ مثال آهي، هو پنهنجي باڪسنگ ڪيريئر سان گڏوگڏ ميڪڊونلڊز پاڪستان ۾ باريستا طور ڪم ڪندو آهي، جنهن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته عزم ۽ يقين سان ڪو به خواب پورو ڪرڻ ممڪن آهي.

سمير خان جي تاريخي ڪاميابيءَ جي اعتراف ۾ ميڪڊونلڊز پاڪستان طرفان سندس مان ۾ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ سندس ڪاميابي جي واکاڻ ڪندي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

ميڪڊونلڊز پاڪستان جي ترجمان چيو ته سمير خان جي اها ڪاميابي سندن لاءِ فخر جوڳي آهي، سندس سفر ۾ هو ڪائونٽر جي پويان کان عالمي باڪسنگ جي اسٽيج تائين پهتو….

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
15.6 ° C
15.6 °
15.6 °
26 %
2kmh
0 %
ڇنڇر
24 °
آچر
24 °
سُومر
23 °
اڱارو
23 °
اربع
24 °

تازه ترين خبرون