پاڪستان جي اڀرندڙ باڪسر سمير خان فائنل ۾ دلچسپ مقابلي بعد ڀارت جي بنٽي سنگهه کي شڪست ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
پاڪستان جي اڀرندڙ باڪسر ۽ ميڪڊونلڊرز پاڪستان جي باريستا سمير خان بئنڪاڪ ۾ يوٿ ورلڊ باڪسنگ جو ٽائٽل کٽي ملڪ جو نالو روشن ڪيو آهي. باڪسر سمير خان فائنل ۾ دلچسپ مقابلي بعد ڀارت جي بنٽي سنگهه کي شڪست ڏني. سمير خان غير معمولي مهارت  ۽ ثابت قدميءَ جو مظاهرو ڪندي يو بي او ورلڊ بينٽم ويٽ چيمپئن شپ جو اعزاز  ماڻيو، سمير خان اهو اعزاز حاصل ڪندڙ پهريون پاڪستاني آهي. سمير خان جو سفر، جذبي ۽ مسلسل محبت جو هڪ مثال آهي، هو پنهنجي باڪسنگ ڪيريئر سان گڏوگڏ ميڪڊونلڊز پاڪستان ۾ باريستا طور ڪم ڪندو آهي، جنهن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته عزم ۽ يقين سان ڪو به خواب پورو ڪرڻ ممڪن آهي. سمير خان جي تاريخي ڪاميابيءَ جي اعتراف ۾ ميڪڊونلڊز پاڪستان طرفان سندس مان ۾ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ سندس ڪاميابي جي واکاڻ ڪندي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ميڪڊونلڊز پاڪستان جي ترجمان چيو ته سمير خان جي اها ڪاميابي سندن لاءِ فخر جوڳي آهي، سندس سفر ۾ هو ڪائونٽر جي پويان کان عالمي باڪسنگ جي اسٽيج تائين پهتو….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.3 ° C
27.3 °
27.3 °
27%
4.1m/s
0%
آچر
27 °
سُومر
32 °
اڱارو
31 °
اربع
31 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون