- Advertisement -
هندستان جي مسلمانن لاءِ ڌار رياست قائم ڪري ننڍي کنڊ جو نقشو تبديل ڪري انگريز ۽ ڪانگريس کي اڪيلي شڪست ڏئي تاريخ ساز شخصيت قائد اعظم محمد علي جناح جي 76 هين ورسي ملهائي پئي وڃي.
پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي ورسي تي مختلف شهرن ۾ تقريبون ڪوٺايون پيون وڃن.
تقريبن دوران قوم جي باني کي شاندار خدمتن تي ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي.
قائداعظم محمد علي جناح گاندي ۽ نهرو جهڙن سياستدانن کي سياسي ميدان ۾ مات ڏني، لارڊ مائونٽ بيٽن جي ناپاڪ ارادن اڳيان لوهي ڀت جيان بيٺل رهيو، پنهنجن جون شڪايتون ختم ڪيون ۽ کين پاڪستان جي جدوجهد ۾ شامل ڪيو.
قائداعظم پهريان گانگريس سان گڏ آزادي جي جدوجهد ۾ گاندي سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملايو پر جڏهن احساس ٿيو ته ورهاست کانسواءِ ڪوبه رستو ناهي ته مسلمانن لاءِ ڌار رياست لاءِ ڏينهن رات محنت هڪ ڪري ڇڏيو.
آزادي بعد وکريل پاڪستان کي مستحڪ ڪرڻ لاءِ قائداعظم محمد علي جناح آخري حد تائين ڪوششون ڪيون پر زندگي وڌيڪ موقعو نه ڏنو.
پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي لاڏاڻي کان اڳ قومي جي نالي پيغام ۾ مستقبل جو رستو، هنن لفظن ۾ بيان ڪيو ته اوهان جي ملڪ جو بنياد رکيو ويو آهي، هاڻي اوهان جو فرض آهي ته هن جي تعمير ڪريو.
قائداعظم محمد علي جناح 11 سيپٽمبر 1948ع ۾ ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.- Advertisement -
