پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سڄي دنيا جي امن لاءِ قيمت ادا ڪري رهيو آهي :برطانوي هاءِ ڪمشنر

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پاڪستان ۾ مقرر برطانوي هاءِ ڪمشنر مس جين ميريٽ چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سڄي دنيا جي امن لاءِ قيمت ادا ڪري رهيو آهي، افغانستان ۾ پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي سميت ٻين دهشتگرد پارٽين جي ڪاررواين تي ڳڻتي آهي.

خانگي ٽي وي کي انٽريو ڏيندي مس جين ميريٽ چيو ته پاڪ فوج ۽ سڪيورٽي فورسز دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قربانيون ڏئي ڪري پاڪستان ئي نه پر سڄي دنيا جي امن لاءِ قيمت ادا ڪري رهي آهي.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اهم ترين اتحادي ۽ فرنٽ لائن ملڪ آهي، يوڪرين جي نئين سر اڏاوت ۾ پاڪستاني ڪنسٽرڪشن ڪمپنيون اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون.

پاڪستان ۾ مقرر برطانوي هاءِ ڪمشنر مس جين ميريٽ افغان طالبان کان دهشتگرد تنظيمن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪندي چيو ته افغانستان جي مسئلي ۽ صورتحال تي هاڻي به دنيا جون نظرون آهن، طالبان، حقاني گروپ ۽ ٻين تنظيمن تي ضابطو آڻن، دهشتگردن کي نه روڪيو ويو ته پاڪستان ئي نه پر سڄي دنيا لاءِ خطرو هوندو…….

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.1 ° C
19.1 °
19.1 °
68%
3.5m/s
2%
خميس
24 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °
سُومر
28 °

تازه ترين خبرون