پاڪستان رينجرز سنڌ طرفان سنڌ ۾ 8 فيبروري تي جنرل اليڪشن جي حوالي سان سڪيورٽي انتظام سخت

- Advertisement -
پاڪستان رينجرز سنڌ طرفان سڀاڻي 8 فيبروري تي ٿيندي  عام چونڊ جي حوالي سان سڪيورٽي جا انتطام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن. رينجرز ترجمان موجب جنرل اليڪشن جي حوالي سان سنڌ رينجرز، پاڪ فوج ۽ پوليس سان گڏ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گڏيل فليگ مارچ ڪيو. رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته فليگ مارچ سکر، خيرپور، راڻيپور، گمبٽ، سوڀوديرو،  ڪنگري، ڪوٽ پير صاحب، گهوٽڪي، اوٻاوڙو، ڏهرڪي ۾ ۽ ٻين علائقن ۾ ڪيو ويو. ترجمان موجب، قادرپور، شڪارپور، خانپور، فيضولاڙو، جيڪب آباد، ڳڙهي خيرو، قمبر شهداد ڪوٽ، ميرو خان، وڳڻ، نصير آباد، ڪشمور، سانگهڙ ۽ ٻين علائقن۾به گڏيل فليگ مارچ ڪيو ويو. رينجرز ترجمان موجب، فليگ مارچ سڀاڻي ٿيندڙ جنرل اليڪشن جي حوالي سان حفاظتي انتظامن کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪيو ويو. فليگ مارچ دوران شهر جي حساس ۽ انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز سميت ٻين پولنگ اسٽيشنز جو به دورو ڪيو ويو. رينجرز ترجمان وڌيڪ چيو ته فليگ مارچ ۾ رينجرز، موٽر سائيڪل اسڪواڊ ۽ النساءَ فورس به حصو ورتو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
13.2 ° C
13.2 °
13.2 °
31%
1.4m/s
1%
اڱارو
13 °
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
22 °
ڇنڇر
22 °

تازه ترين خبرون