پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ سياحت جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي.
سياحت جو عالمي ڏينهن ورلڊ ٽوئرازم آرگنائيزيشن جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي سفارش تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي قرارداد موجب 1970ع کان ملهايو پيو وڃي.
تاريخي ۽ مذهبي سياحتي ماڳن، قدرتي نظارن سان مالا مال پاڪستان سڄي دنيا جي سياحن لاءِ ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي.
سياحت کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان حڪومت وڏو قدم کڻندي اوپن ويزا پاليسي تحت 126 ملڪن جي سياحن کي 48 ڪلاڪن اندر مفت ويزا جي سهولت ڏني وئي آهي
پاڪستان ۾ هلندڙ سال اندرون ملڪ سياحت ۾ 30 کان 40 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، جڏهن ته ٻاهرين ملڪ کان ايندڙ سياح ملڪي معيشيت ۾ هڪ ڏهائي 6 ملين آمريڪي ڊالرن جو حصو وجهي رهيا آهن.
هن سال سياحت جو عالمي ڏينهن سياحت ۽ امن جي عنوان سان ملهايو پيو وڃي.
ان سلسلي ۾ اسلام آباد ۾ انٽرنيشنل ٽوئرزم انويسٽمينٽ ايڪسپو پڻ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ سڄي ملڪ مان سياحت سان لاڳاپيل ڪمپنين ۽ شخصيتن شرڪت ڪئي ۽ پاڪستان ۾ سياحت ۽ ثقافت کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو.
