تازه ترين

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مسيحي برادري پاران ايسٽر جو ڏڻ ملهايو پيو وڃي

- Advertisement -
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مسيحي برادري پاران ايسٽر جو ڏڻ ملهايو پيو وڃي. ايسٽر جي موقعي تي مسيحي برادري پاران عبادت گاهن ۾ ملڪي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون. ملڪ ۾  گرجا گهرن جي سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن. لاهور ۾ ايسٽر  جون تقريبون رات کان ئي شروع ٿي ويون آهن. مسيحي برادري  جا ماڻهو خوشي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ مائٽن ۽ دوستن ڏانهن ڪيڪ موڪلي خوشي جو اظهار ڪري رهيا آهن. ڪراچي ۽  حيدرآباد ۾ به دعائيه تقريبون منعقد ڪيون ويون. سکر ۾ مرڪزي تقريب سينٽ سيويئر چرچ ۾ ٿي، جنهن ۾ مسيحي برادري ملڪ جي ترقي، امن ۽ ڀائيچاري لاءِ دعا گهري. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ سمورين اقليتن کي پاڪستان جي آئين تحت برابري جا حق حاصل آهن. سندن چوڻ هو ته هن وقت حضرت مسيح عليه السلام جي محبت، امن ۽ قرباني جي درس کي عام ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
25.1 ° C
25.1 °
25.1 °
47 %
2.7kmh
53 %
اڱارو
25 °
اربع
30 °
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
32 °

تازه ترين خبرون