- Advertisement -
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مسيحي برادري ڪرسمس جو ڏهاڙو ملهائي رهي آهي.
ڪراچي جي سينٽ پيٽرڪ چرچ ۾ مسيحي برادري پاران تقريب ڪوٺائي وئي.
تقريب ۾ مسيحي برادري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
حيدرآباد جي سينٽ فرانسس چرچ ۾ ڪرسمس جي تقريب ٿي گذري، جنهن ۾ عيسائي برادري جي عورتن، ٻارڙن ۽ نوجوانن شرڪت ڪري ملڪ جي خوشحالي ۽ سلامتي لاءِ دعائون گهريون.
سکر ۾ به ڪرسمس جون تقريبون ڪوٺايون پيون وڃن.
لاهور ۾ به مسيحي برادري ڪرسمس ملهائڻ لاءِ پرجوش آهي، سرگوڌا ۾ به گرجا گهرن ۾ دعائيه تقريبون ٿي رهيون آهن.
فيصل آباد ۾ مسيحي عورتن ڪرسمس جي خريداري ڪئي، جڏهن ته گوجرانوالا جي ڪرسمس مارڪيٽ ۾ عيسائي برادري لاءِ 20 سيڪڙو تائين رعايت ڏني وئي.
پشاور ۾ به گرجا گهرن ۽ گهرن کي سجايو ويو آهي، عيسائي برادري گهرن کي ڪرسمس ٽري سان سينگاريو……………..- Advertisement -
