- Advertisement -
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ پورهيتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي.
ملڪ ۾ مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ تقريبون ڪوٺايون پيون وڃن.
سڄي ملڪ ۾ اڄ عام موڪل هوندي به پورهيت اڄ به ڪم ۾ رڌل آهن.
پورهيتن جي ڏينهن تي گوگل جو ڊوڊل به تبديل ڪيو ويو آهي.
صحبت پور ۾ پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي تي مزدور يونين پاران محمد اقبال عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.
پورهيتن جي قربانين ۽ سندن حقن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ اڄ پورهيتن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي.
پهرين مئي 1886ع تي آمريڪي شهر شڪاگو جا پورهيت سرمائيدارن ۽ صنعتڪارن جي استحصال خلاف روڊن تي نڪري آيا هئا، پر پوليس جلوس تي فائرنگ ڪري سوين پورهيتن کي قتل ۽ زخمي ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته ڪيترن پورهيتن کي ڦاهي ڏني وئي.
شڪاگو جي پورهيت سان ٻڌي جي اظهار لاءِ پهرين مئي تي دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ پورهيتن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي.
هر سال پهرين مئي تي اهو ڏينهن ان عزم سان ملهايو ويندو آهي ته پورهيتن جي معاشي حالتن کي تبديل ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪيون وينديون.
پاڪستان ۾ پورهيتن جو ڏهاڙو قومي سطح تي ملهائڻ جي شروعات 1973ع ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي جي دور ۾ ٿي.
پورهيتن جي ڏهاڙي جي حوالي سان ملڪ جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ تقريبون، سيمينار، ڪانفرنسون ۽ ريليون منعقد ڪيون وينديون آهن………- Advertisement -
