پاڪستان چيني شهرين تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي حملي کي پاڪ چين دوستي تي حملو قرار ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پاڪستان چيني شهرين تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي حملي کي پاڪ چين دوستي تي حملو قرار ڏئي ڇڏيو.

جاري ڪيل بيان ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ ڪراچي ايئر پورٽ ويجهو ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو ته چيني شهرين تي حملو ڪندڙ دهشتگردن کي شڪست ڏيڻ لاءِ پاڪستان چين سان گڏجي ڪم جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي.

سندس چوڻ هو ته ڪراچي ايئرپورٽ ويجهو دهشتگرد حملي ۾ 2 چيني انجنيئر مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو آهي، پاڪستان هن واقعي ۾ چين ۽ پاڪستان ٻنهي جي متاثرن ٿيل ماڻهن جي خاندانن سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪري ٿو، واقعي ۾ زخمي ٿيلن جي جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آهن.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته ڪراچيءَ ۾ ٿيل دهتشگرد ڪارروائي پاڪستان ۽ چين جي جٽادار دوستي تي به حملو آهي، ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ پرعزم آهن، پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي تائين پنهنجي چيني ڀائرن سان گڏجي ڪم جاري رکندو.

هن چيو ته پاڪستان جا سڪيورٽي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا جوابدارن ۽ مددگارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏيندا.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پرڏيهي وزارت، چيني سفارتخاني سان رابطي ۾ آهي، پاڪستان ۽ چين جي ڀائپي آهي، پاڪ چين گڏيل احترام ۽ ڀائيچاري جي رشتي ۾ ڳنڍيل آهن، پاڪستان چيني شهرين، منصوبن ۽ ادارن جي تحفظ لاءِ پختي عزم جي حمايت ڪري ٿو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.8 ° C
24.8 °
24.8 °
30%
4m/s
2%
آچر
25 °
سُومر
32 °
اڱارو
32 °
اربع
31 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون