تازه ترين

پاڪستان ۽ افغان طالبان وچ ۾ استنبول ۾ ڳالهين جو چوٿون دور شروع

- Advertisement -
پاڪستان ۽ افغان طالبان وچ ۾ استنبول ۾ ڳالهين جو چوٿون دور شروع ٿي ويو آهي، ڪابل انتظاميا جي هوڏ سبب ڳالهين جا پهريان ٽي دور بنا نتيجي رهيا. پاڪستان ۽ افغان طالبان وچ ۾ ترڪيءَ جي ميزبانيءَ هيٺ استنبول ۾ ڳالهيون جاري آهن، هي ڳالهين جو چوٿون دور آهي. ڳالهين جو اهو دور ڳالهيون ڪرائيندڙن جي درخواست تي شروٿ ٿيو آهي. سفارتي ذريعن موجب پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ٽن ڏينهن کان ڳالهيون جاير آهن، ٽئين ڏينهن ڳالهيون 18 ڪلاڪ  جاري رهيون. افغان طالبان جي وفد ڪيترائي ڀيرا  ٽي ٽي پي ۽ دهشتگردي خلاف يقيني ڪارروائي واري پاڪستان جي جائز مطالبي تي اتفاق ڪيو. ذريعن موجب ميزبانن جي موجودگيءَ ۾ به افغان وفد ان مک مسئلي کي تسليم ڪيو پر ڪابل کان ملندڙ هدايتن سبب افغان طالبان جي وفد جو موقف تبديل ٿيندو رهيو. ڳالهين دوران ڪابل کان ملندڙ غير منطقي ۽ ناجائز صلاحن سبب ڳالهيون بنا نتيجي رهيون. ذريعن ٻڌايو ته  ڳالهين ۾ پاڪستان پنهنجي پيش ڪيل مطالبن تي قائم رهيو پر  افغان طالبان جو وفد مطالبا مڪمل طور تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. پاڪستاني وفد جو موقف  مضبوط ۽ امن لاءِ اڻٽر آهي، ميزبان ملڪ به تسليم ڪن ٿا ته پاڪستان جا مطالبا جائز آهن، دلچسپ ڳالهه اها آهي ته افغان طالبان پاڻ به سمجهن ٿا ته انهن  مطالبن کي تسليم ڪرڻ درست آهي. ذريعن ٻڌايو ته افغان طالبان جي وفد کي ڪابل مان ڪنٽرول ڪيو پيو وڃي، جنهن کي ڳالهيون دير جو شڪار ٿي رهيون آهن. پاڪستاني وفد بار بار اهو نقطو واضح ڪيو ته سندس مطالبا تسليم ڪرڻ سڀني جي مفاد ۾ آهي، ميزبان ملڪن ۾ افغان وفد کي اها ڳالهه سمجهائي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
10 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
33 ° C
33 °
33 °
14 %
6.2kmh
2 %
سُومر
33 °
اڱارو
31 °
اربع
31 °
خميس
29 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون