- Advertisement -
پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي.
ٻنهي ٽيمن جا رانديگر اڄ آپشنل ٽريننگ سيشن ۾ حصو وٺندا، جڏهن ته سوا ٻارهين وڳي راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ سيريز جي لوگو جي مهورت ڪئي ويندي.
ٻنهي ٽيمن جي ڪپتان سيريز اسپانسر جي نمائندي سان گڏ ٽرافي جي مهورت ۾ حصو وٺندا. ان کانپوءِ شان مسعود ۽ نجم الحسن شانتو پري سيريز پريس ڪانفرنس ۾ حصو وٺندا……- Advertisement -
