پاڪستان ۽ ترڪيا وچ ۾ لاڳاپا مضبوط ۽ ڀائراڻا آهن جيڪي سدائين قائم رهندا: آرمي چيف جنرل عاصم منير

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيا وچ ۾ لاڳاپا مضبوط ۽ ڀائراڻا آهن، جيڪي سدائين قائم رهندا، پاڪ فوج ترڪ فوج کي مختلف شعبن ۾ مڪمل سهڪار فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پاڪستان سدائين ترڪ ڀائرن سان هر حال ۾ گڏ بيٺو آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.

آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير ترڪيءَ جو سرڪاري دورو ڪيو، جنهن جو مقصد ٻنهي ملڪن ۾ فوجي ۽ دفاعي سهڪار وڌائڻ آهي.

پاڪ فوج جي ترجمان موجب آرمي چيف دوري دوران ترڪ صدر رجب طيب اردگان، پرڏيهي ۽ بچاءِ واري وزير، هٿياربندن فوجن جي سربراهن سان  ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون.

آرمي چيف خطي ۾ امن ۽ استحڪام برقرار رکڻ  لاءِ ترڪ فوج جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب ترڪ اڳواڻن هلندڙ سال فيبروري ۾ ترڪيه ۾ آيل زلزلي دوران پاڪستاني آرمي انجنيئرن جي خدمتن جو اعتراف ڪيو.

پاڪ فوج جي ترجمان چيوته آرمي چيف انقرا ۾  ترڪيءَ جي عظيم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي.

ترڪ لينڊ فورسز جي هيڊڪوارٽر آمد تي آرمي چيف جي شاندار آجيان ڪندي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.

آرمي چيف کي بچاءَ واري وزير ۽ لينڊ فورسز جي ڪمانڊر ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي اعتراف ۾ ليجن آف ميرٽ سان نوازيو.

جنرل عاصم منير جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ترڪيا وچ ۾ لاڳاپا مضبوط ۽ ڀائراڻا آهن، جيڪي سدائين قائم رهندا، پاڪ فوج ترڪ فوج کي مختلف شعبن ۾ مڪمل سهڪار فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پاڪستان سدائين ترڪ ڀائرن سان هر حال ۾ گڏ بيٺو آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
15.1 ° C
15.1 °
15.1 °
20%
1.1m/s
16%
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
20 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون