تازه ترين

پاڪستان ۽ ترڪيه جي قيادت هميشه هڪ ٻئي جي مفاد لاءِ ڪم ڪندي آهي: اسحاق ڊار

- Advertisement -
پاڪستان ۽ ترڪيه طرفان دفاع سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. اسلام آباد ۾ ترڪيه جي پرڏيهي وزير حاقان فدان سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي  نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي قيادت هميشه هڪ ٻئي جي مفاد لاءِ ڪم ڪندي آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ترڪيه 2 ملڪ ۽ هڪ قوم آهن، ترڪيه ۽ پاڪستان اسلامو فوبيا جي خاتمي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ واپار ۽ دفاع سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار موجود آهي، ٻنهي ملڪن جي عوام جا هڪٻئي سان مضبوط لاڳاپا آهن. هن چيو ته دفاع جي مختلف گڏيل شعبن ۾ سهڪار جاري آهي، ٻنهي ملڪن هميشه هڪ ٻئي جي موقف جي عالمي سطح تي حمايت ڪئي آهي. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته هنن ڳالهين جي شروعات تي ايراني صدر جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي، ابراهيم رئيسي جي لاڏاڻي سبب اڄوڪو ڏينهن تمام افسوسناڪ آهي. ترڪيه جي پرڏيهي وزير حاقان فدان چيو ته پاڪستان سندن ٻيو گهر آهي، پاڪستان ويجهو دوست ۽ ڀاءُ ملڪ آهي، پاڪستان هي سندس پهريون دورو آهي. سندس چوڻ هو ته ايراني صدر جي هيليڪپاٽر حادثي ۾ فوت ٿيڻ تي افسوس آهي، هو ابراهيم رئيسي جي لاڏاڻي تي دلي تعزيت ڪري ٿو. ترڪيه جي پرڏيهي وزير چيو ته نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سان مختلف معاملن بابت ڳالهيون ٿيون آهن، پاڪستان علاقائي ۽ عالمي سطح تي اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. خاقان فدان چيو ته پاڪستان سندن اعتبار جوڳو ڀائيوار آهي، هنن ٻه طرفي لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو. ترڪيه جي پرڏيهي وزير خاقان فدان چيو ته هنن ٻه طرفي واپار جي موجوده هڪ ارب ڊالر کي پنج ارب تائين وٺي وڃن جي عزم کي ظاهر ڪيو آهي، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ به سهڪار جي موقعن ۽ غزا صورتحال بابت ڳالهيون ٿيون آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
33.5 ° C
33.5 °
33.5 °
5 %
2.8kmh
0 %
اڱارو
34 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون