تازه ترين

پاڪستان ۽ سعودي عرب اقتصادي سهڪار جو فريم ورڪ شروع ڪرڻ تي اتفاق

- Advertisement -
پاڪستان ۽ سعودي عرب اقتصادي سهڪار جو فريم ورڪ شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم شهبازشريف ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان وچ ۾ ملاقات جو گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ويو آهي. پڌرنامي ۾ چيو ويو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب اقتصادي سهڪار جو فريم ورڪ شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، اها اڳڀرائي سعودي عبر ۽ پاڪستان وچ ۾ اٺن ڏهاڪن تي ٻڌل تاريخي ڀائيواري، ڀائيچاري ۽ اسلامي ٻڌي جي مضبوط رشتي کي ظاهر ڪري ٿي. اهو فريم ورڪ ٻنهي ملڪ جي گڏيل اقتصادي مفادن تي ٻڌل آهي ۽ جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ واپار ۽ سيڙپڪاري وارن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي گڏيل خواهش جو ورجاءُ آهي. فريم ورڪ تحت اقتصادي، واپاري، سيڙپڪاري ۽ ترقياتي شعبن ۾ ڪيترن جي اسٽريٽجڪ ۽ اعليٰ اثرن وارن منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. اقتصادي فريم ورڪ جي ترجيحي شعبن ۾ توانائي، صنعت، کاڻ کوٽڻ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، سياحت، زراعت ۽ غذائي تحفظ شامل آهن. پاڪستان ۽ سعودي عرب هن وقت ڪيترن ئي گڏيل اقتصادي منصوبن ۾ سهڪار تي ڪم ڪري رهيا آهن. سعودي عرب ۽ پاڪستان وچ ۾ بجلي جي پهچ واري منصوبي لاءِ مفاهمتي يادداشت ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ سهڪار جي مفاهمتي يادداشت تي صحيح به گڏيل منصوبن ۾ شامل هي. اهو فريم ورڪ ٻنهي ملڪ جي قيادت ۽ عوام جي اميدن جي ترجماني ۽ گڏيل مفاد پورا ڪرڻ واري خواهش کي ظاهر ڪري ٿو، ٻنهي ملڪن جا اڳواڻ سعودي پاڪستان سپريم ڪوآرڊينشن ڪائونسل جي اجلاس ڪرائڻ جا به منتظر آهن
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
51 %
2.9kmh
0 %
ڇنڇر
31 °
آچر
32 °
سُومر
34 °
اڱارو
31 °
اربع
33 °

تازه ترين خبرون