- Advertisement -
آمريڪا جي ڏکڻ ۽ سينٽرل ايشيا بابت اسسٽنٽ سيڪريٽري ڊونلڊ لو چيو آهي ته پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ انساني حقن جي حمايت تي ڌيان آهي.
آمريڪي ڪانگريس جي ڪيمٽي ۾ حاضريءَ جي موقعي تي ڊونلڊ لو جو چوڻ هو ته آمريڪي صدر طرفان 10 ڪروڙ 10 لک ڊالر پاڪستان لاءِ امداد جي درخواست ڪئي ويئي آهي.
ڊونلڊ لو ڪميٽي کي ٻڌايو ته رقم پاڪستان کي دهشتگردي جي خلاف جنگ، اقتصادي سڌارن ۽ قرض ۾ مدد لاءِ ڏني ويندي.
اسسٽنٽ سيڪريٽري جو چوڻ هو ته امدادي رقم سان پاڪستان کي پنهنجي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته افغانستان ۾ عورتن ۽ اقليتي گروهن جي صورتحال تي ڳڻتي آهي، افغان شهرين جي حقن جي احترام تائين طالبان حڪومت سان لاڳاپا معمول تي نه ٿا اچي سگهن.- Advertisement -
