تازه ترين

پاڪستان ۾ ڪرغزستان جو سفير پرڏيهي آفيس طلب، شاگردن مٿان تي حملن تي سخت احتجاج

- Advertisement -
پاڪستان، ڪرغستان ۾ پاڪستاني ۽ ٻين ملڪن جي شاگردن سان پيش آيل پرتشدد واقعن تي اسلام آباد ۾ مقرر ڪرغز سفارتخاني جي انچارج کي پڇاڻي لاءِ پرڏيهي آفيس طلب ڪيو ويو. پرڏيهي وزارت طرفان جيل ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته  پرڏيهي وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل اعزاز خان، ڪرغز سفارتخاني جي انچارج کي طلب ڪيو ۽ ڪرغزستان ۾ پڙهندڙ پاڪستاني شاگردن خلاف واقعن جيرپورٽن تي پاڪستان حڪومت جي ڳڻتي کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته پاڪستانين جي سلامتي يقيني بڻائڻ لاءِ پاڪستان حڪومت، ڪرغز حڪومت سان مسلسل رابطي ۾ آهي، ڪرغز اختيارين بشڪيڪ ۾ پاڪستانين سميت پرڏيهي شاگردن خلاف تشدد جي واقعن تي افسوس جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزارت جي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪرغز اختيارين معاملي جي جاچ ڪرائڻ ۽ ڏوهي ماڻهن کي سزا ڏيڻ جو واعدو به ڪيو آهي. پرڏيهي وزارت موجب، ڪرغزستان ۾ پاڪستاني سفارتخاني هنگامي هيلپ لائن کولي ڇڏي آهي، سفارتخاني شاگردن ۽ سندن گهرڀاتين جي سوالن جا جواب ڏنا آهن، سفير حسن علي ضيغم ڪرغزستان جي اعليٰ عملدارن سان رابطي ۾ آهي. پرڏيهي وزارت جي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪرغز جي صحت واري وزارت موجب چئن  پاڪستانين کي شروعاتي علاج بعد ڊسچارج ڪيو ويو، هڪ پاڪستاني جو جبري جي زخم سبب علاج ڪيو پيو وڃي. پرڏيهي وزارت جو چوڻ هو ته پاڪستان جي حڪومت سڄي دنيا ۾ پنهنجي شهرين جي سلامتي ۽ تحفظ جي معاملي کي انتهائي سنجيدگي سان وٺي ٿي، جنهن تي ڪرغزستان جي گورنر چيو ته ڪرغزستان جي حڪومت پاڪستانين جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي. شاگردن ۽ شهرين جي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ حڪومت پاڪستان کي تمام ضروري قدم کڻڻ گهرجن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته هو ڪرغز حڪومت سان رابطي ۾ آهن، پاڪستانين جي حفاظت انتهائي اهم آهي، پاڪستاني شاگردن جي حفاظت لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا پيا وڃن. ڪرغزستان ۾ پاڪستاني شاگردن جي هاسٽل تي مقامي ماڻهن طرفان حملي تي پرڏيهي آفيس جو ردعمل سامهون اچي ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته ڪرغزستان ۾ مقامي ۽ پرڏيهي شاگردن وچ ۾ تڪرار کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال ۾ پاڪستاني شاگردن جي حوالي سان هو ڪرغز اختيارين سان رابطي ۾ آهن. سوشل ميڊيا تي ڪرغزستان ۾ مقرر پاڪستاني سفير جي پوسٽ شيئر ڪندي ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستانين جي سيڪيورٽي پاڪستاني سفير ۽ سندس ٽيم لاءِ تمام گهڻي اهميت رکي ٿي. هن چيو ته پاڪستان شاگردن جي حفاظت لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا پيا وڃن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
21.7 ° C
21.7 °
21.7 °
47 %
2.1kmh
85 %
جمعو
22 °
ڇنڇر
29 °
آچر
31 °
سُومر
30 °
اڱارو
31 °

تازه ترين خبرون