- Advertisement -
آمريڪي ڪانگريس جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ ڀارت جنگ ۾ پاڪستان فوجي سرسي حاصل ڪئي ۽ چين پنهنجو دفاعي نظام آزمايو.
آمريڪا به پاڪ ڀارت جنگ دوران پاڪستان جي فتح جو اعتراف ڪيو آهي.
آمريڪي ڪانگريس ۾ پاڪ ڀارت جنگ بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته چين 2024ع ۽ 2025ع ۾ پاڪستان سان فوجي سهڪار وڌايو، جنهن ۾ گڏيل مشقون، دهشتگردي خاتمي بابت ڊرلز ۽ امن مشقون شامل هيون.
رپورٽ ۾ چيو ويو ته چئن ڏينهن جي چڪرين دوران پاڪستان جي چيني هٿيارن سان ڪارڪردگي نمايان رهي.
آمريڪي ڪانگريس ۾ پيش ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو ته پاڪستان طرفان چيني هٿيارن سان ڀارت جي فرانسيسي رافيل جهازن کي نشانو بڻائڻ چيني هٿيارن جي وڪري لاءِ اثرئتي دليل بڻجي ويو آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو ته اهو پهريون موقعو هو ته چين جديد هٿيار ايڇ ڪيو نائن ميزائل ڊفينس سسٽم پي ايل ففٽين، ايئر ٽو ايئر ميزائلز ۽ جيَ ٽين ويڙهاڪ جهاز سڌيءَ ريت جنگ ۾ استمعال ٿيا، جيڪو چين لاءِ عملي ميدان ۾ هڪ وڏو تجربو ثابت ٿيو.
پيش ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو ته چين جون 2025ع ۾ پاڪستان کي جيَ ٿرٽي فائيو جديد ويڙهاڪ جهاز، ڪيَ جيَ فائيو هنڊريڊ ايئر ڪرافٽ ۽ بيلسٽڪ ميزائل ڊفينس سسٽم وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏني.
رپورٽ موجب ان ئي مهيني ۾ پاڪستان دفاعي بجيٽ ۾ 20 سيڪڙو اضافي جو اعلان ڪيو، جنهن سان مجموعي بجيٽ ۾ گهٽتائي باوجود دفاعي خرچ 9 ارب ڊالرن تائين پهچي ويا…
- Advertisement -
