تازه ترين

پاڻيءَ تي ڌاڙي ۽ ڌاڙيل ڪلچر خلاف 25 آڪٽوبر تي اتر سنڌ ۾ سجاڳي مهم هلائي ويندي:زين شاهه

- Advertisement -
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر زين شاهه چيو آهي ته پاڻيءَ تي ڌاڙي ۽ ڌاڙيل ڪلچر خلاف 25 آڪٽوبر تي اتر سنڌ ۾ سجاڳي مهم هلائي ويندي. ڄامشوري ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي باڊي جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي زين شاهه چيو ته آئين کان مٿڀري قدم تي  صدر آصف زرداري کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته 18 کان 19 آڪٽوبر تائين ڪراچي کان بدين تائين سجاڳي مهم هلائي ويندي. سندس چوڻ هو ته  پاڻي تي سوديبازي کانپوءِ ڪار ساز وارو جلسو حيدرآباد ۾ ڪرڻ طاقت جي مظاهري لاءِ آهي. زين شاهه چيو ته ڪراچي جي ڪاروباري ماڻهن صوبن جي ڳالهه ڪري سنڌ جي ورهائڻ جي سازش ڪئي جيڪا قبول ناهي. هن چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ ختم ڪري قانون جي بالادستي قائم ڪئي وڃي. سندس چوڻ هو ته پاڻي تي ڌاڙي ۽ ڌاڙيل ڪلچر خلاف  25 آڪٽوبر کان اتر سنڌ ۾ سجاڳي مهم هلائي ويندي. زين شاهه چيو ته پاڻي تي ڌاڙي خلاف 14 آڪٽوبر تي سيمينار ڪوٺايو ويندو. هن چيو ته پاڻي بند ٿيڻ جي صورت ۾ ڪراچي کان بدين تائين  سمنڊ زمين ڳڙڪائي ويندو. سندس چوڻ هو ته آئيني ترميم ۾ سڀ کان وڏو ڪردار پ پ جو آهي، مسلم ليگ ن ۽ ٻيون پارٽيون پوئتي آهن. زين شاهه چيو ته حڪمران سنڌ دشمن منصوبا ٺاهڻ وقت عوام کي گمراهه ڪرڻ لاءِ نوان شوشا ڇڏيندا آهن
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.3 ° C
24.3 °
24.3 °
50 %
2.1kmh
0 %
خميس
31 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون