پاڻي  تي ڌاڙي ۽ زمينن جي ورڇ ذريعي سنڌ کي تباهه ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي : زين شاهه

- Advertisement -
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه زين شاهه چيو آهي ته پاڻي  تي ڌاڙي ۽ زمينن جي ورڇ ذريعي سنڌ کي تباهه ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي، 11 جنوري تي حيدرآباد کان ميرپورخاص ۽ 12 جنوري تي ميرپورخاص کان عمرڪوٽ تائين ريلي ڪڍي ويندي. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه زين شاهه سان جماعت اسلامي جي سينيئر اڳواڻ اسدالله ڀٽو جي اڳواڻي ۾ وفد سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن سياسي صورتحال، سنڌ ۾ بدامني، سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙي ۽ زمينن جي ورڇ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي پ پ حڪومت جي مجرماڻي ڪردار جي مذمت ڪندي ان کي سنڌ دشمن قرار ڏنو. ملاقات ۾ سنڌ حڪومت طرفان عمرڪوٽ ضلعي ۾14 هزار 8 سئو ايڪڙ زمين ڪمپني کي ڏيڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن  سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي ۽ بدامني خلاف گڏيل جدوجهد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. زين شاهه جماعت اسلامي جي سکر ۾ بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف ڪوٺايل آل پارٽيز ڪانفرنس جي آجيان ڪئي. زين شاهه جو چوڻ هو ته پاڻي  تي ڌاڙي ۽ زمينن جي ورڇ ذريعي سنڌ کي تباهه ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي. هن چيو ته  11 جنوري تي حيدرآباد کان ميرپورخاص ۽ 12 جنوري تي ميرپورخاص کان عمرڪوٽ تائين ريلي ڪڍي ويندي. ان موقعي تي جماعت اسلامي جي اڳواڻ مولانا اسد الله ڀٽو چيو ته پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت شهرين جي جان، مال ۽ پاڻي سميت سنڌ جي حقن جي تحفظ ۾ ناڪام ثابت ٿي آهي. ملاقات ۾ جماعت اسلامي جو اڳواڻ محمد حسين محنتي، مولانا عبدالقدوس احمداڻي، مجاهد چنا، منير نائچ، منير حيدر شاهه ۽ ٻيا موجود هئا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.1 ° C
26.1 °
26.1 °
26%
2.3m/s
0%
جمعو
26 °
ڇنڇر
31 °
آچر
31 °
سُومر
32 °
اڱارو
33 °

تازه ترين خبرون