تازه ترين

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جو اجلاس چيئرمين نثار کهڙي جي صدارت هيٺ ٿيو

- Advertisement -
سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ اوقاف ۽ عشر زڪوات کاتن ۾ سال  16-2017ع دوران 2 ڏهائي 850 ملين جي بي قائددگين ۽ آڊٽ پيراز جو رڪارڊ فراهم نه ڪرڻ تي اوقاف کاتي جي اڪائونٽنٽ کي معطل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. پبلڪ اڪائونٽس ڪميتيءَ جو اجلاس چيئرمين نثار کهڙي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ميمبرن قاسم سومري، سعديه جاويد، ريحان راجپوت ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران اوقاف ۽ عشر زڪوات کاتي جي مالي سال 2016ع کان 2018ع تائين ٽن ورهين جي 19 آڊپ پيراز جو جائزو ورتو ويو. پي ايَ سي جي اجلاس ۾ اوقاف کاتي جو سيڪريٽري 2 ڏهائي 285 ملين جي بي قائدگين جو رڪارڊ فراهم نه ڪيو. نثار کهڙي چيو ته ايڏو عرصو گذرڻ باوجود  آڊٽ جو رڪارڊ فراهم ناهي ڪيو ويو، اهو غفلت جي زمري ۾ اچي ٿو. پي ايَ سي چيئرمين اوقاف کاتي جي اڪائونٽنٽ کي معطل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. نثار کهڙي جو چوڻ هو ته مختلف کاتن جي آڊٽ پيراز  2008ع کان 200 جي ويجهو آڊٽ پيراز التوا هيٺ آهن، هاڻي هفتي ۾ 3 ڏينهن اجلاس ٿيندو. هن چيو ته  هر کاتي جو سيڪريثري ۽ لاڳاپيل آفيسرن جي پي ايَ سي اجلاس ۾ شرڪت يقيني بڻائڻي پوندي، عوام جو پيسو  عوام تي خرچ ٿيڻ گهرجي. نثار کهڙي چيو ته سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ اوقاف کاتي جي 18 هزار ايڪڙ زمين مختلف ماڻهن جي الاٽ ڪئي وئي، پر ان جو رڪارڊ فراهم نه ڪيو ويو آهي، کاتي کان ڏهن ڏينهن اندر سمورو رڪارڊ طلب ڪيو آهي. پي اي سي چيئرمين چيو ته هر کاتي جي پنجن ورهين جو رڪارڊ گهريو آهي، ڪنهن به کاتي بابت آڊٽ اجلاس ملتوي نه ٿيندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.5 ° C
25.5 °
25.5 °
42 %
2.2kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °
آچر
33 °
سُومر
34 °

تازه ترين خبرون