تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پرويز الاهيءَ کي سرڪاري ٺيڪن ۾ ڪرپشن واري ڪيس ۾ چوڏهن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهيءَ کي سرڪاري ٺيڪن ۾ ڪرپشن واري ڪيس ۾ چوڏهن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪيو ويو آهي.

تحريڪ انصاف جي صدر ۽ اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهيءَ کي نيب جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ۽ جج زبير شهزاد  ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران پرويز الاهيءَ جي وڪيل پنهنجي اصيل سان صلاح مشوري جي اجازت گهري، جيڪا کيس ڏني وئي.

نيب پراسيڪيوٽر وارث علي جنجوعا جج کان پرويز الاهيءَ جو جسماني رمانڊ طلب ڪندي دليل ڏنا ته پرويز الاهي تي سرڪاري ٺيڪن ۾ ڪرپشن ۽ ڪڪ بيڪس وٺڻ جو ڪيس آهي.

هن چيو ته پرويز الاهي پنجاب جو وڏو وزير بڻيو ته گجرات لاءِ اربين رپين جا ٺيڪا ڏنا.

پرويز الاهيءَ جي وڪيل چيو ته سندس اصيل جي گرفتاريءَ خلاف سپريم ڪورٽ ۽ لاهور هائيڪورٽ ۾ ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن، پوءِ به کيس گرفتار ڪيو ويو.

احتساب عدالت پرويز الاهيءَ جو 21 آگسٽ تائين جسماني رمانڊ منظور ڪندي کيس جاچ لاءِ نيب حوالي ڪري ڇڏيو

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
18.2 ° C
18.2 °
18.2 °
28 %
2.2kmh
100 %
اڱارو
27 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون