پريالي ۾ پبلڪ هيلٿ ڊپارٽمينٽ جي مبينا نااهلي سبب گندي پاڻي جي ابل واهه ۾ ڇوڙ سبب شھر جي پل ۽ ڪپر تباھه ٿيڻ لڳا

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پريالي ۾ پبلڪ هيلٿ ڊپارٽمينٽ جي مبينا نااهلي سبب گندي پاڻي جي ابل واهه ۾ ڇوڙ سبب شھر جي پل ۽ ڪپر تباھه ٿيڻ لڳا ڪنهن به وقت حادثي جي نتيجي ۾ جاني نقصان ٿيڻ جو خطري ڪري شھرين پل ۽ ڪپرن جي مرمت جو مطالبو ڪيو آهي.

 شھر جي گندي پاڻي جي نيڪال جي سسٽم پل ۽ ابل واھه جا ڪپر تباھه ڪري ڇڏيا.

پبلڪ هيلٿ انتظاميه جي مبينا نااهلي سبب گندي پاڻي جو پل وٽان ابل واھه ۾ ڇوڙ جاري آهي.

گندي پاڻي جي ڇوڙ سبب ابل واھه جي پل ۽ ڪپر تباھه ٿي ويا آهن جنهن ڪري ڪنهن به وقت حادثي ۾ انساني جانيون ضايع ٿيڻ جو خطرو آهي.

شھرين ماجد علي سولنگي، علي گل ۽ ٻين چيو ته ايريگيشن آفيس سامهون هجڻ باوجود عملو لا علم بڻيل آهي.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته گندي پاڻي جو ابل واھه ۾ ڇوڙ بند ۽ تباھه ٿيل ڪپر مضبوط توڙي پل جي مرمت ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
7 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
31.5 ° C
31.5 °
31.5 °
13%
2.5m/s
5%
آچر
32 °
سُومر
32 °
اڱارو
31 °
اربع
31 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون