تازه ترين

سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميمي ايڪٽ کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميمي ايڪٽ کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو، وڪيلن جي دليلن کانپوءِ عدالت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. جسٽس يوسف علي سيد جو چوڻ هو ته درخواست تي فيصلو اڄ ئي ٻڌايو ويندو. ايڊووڪيٽ ابراهيم سيف الدين چيو ته پاڪستان جي صدر 20 سيپٽمبر تي پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ترميمي آرڊيننس تي صحيح ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ترميمي آرڊيننس کي اڃا اسيمبلي ۾ پيش ئي نه ڪيو ويو آهي. ايڊووڪيٽ ابراهيم سيف الدين چيو ته قومي اسيمبلي هڪ سال اڳ ئي پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ لاڳو ڪيو هو. ايڊووڪيٽ ابراهيم سيف الدين چيو ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ ترميم سڌي ريت عدليه تي حملو آهي. جسٽس يوسف علي سعيد چيو ته سپريم ڪورٽ پاڻ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميمي ايڪٽ تي عملدرآمد شروع ڪري ڇڏيو آهي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ باضابطا نئون نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس يوسف علي سعيد چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سپريم ڪورٽ جي معاملن ۾ ڪيئن مداخلت ڪري سگهي ٿي؟ ايڊووڪيٽ ابراهيم سيف الدين چيو ته جسٽس منصور علي شاهه پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميمي ايڪٽ جي مخالفت ڪئي آهي، سپريم ڪورٽ ورهائجي وئي آهي. ايڊووڪيٽ ابراهيم سيف الدين جو چوڻ هو ته آرٽيڪل 199 تحت سنڌ هاءِ ڪورٽ کي غير قانوني طور منظور ٿيل ايڪٽ خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ڪرڻ جو اختيار حاصل آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.7 ° C
25.7 °
25.7 °
43 %
1.9kmh
9 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
34 °
آچر
34 °
سُومر
36 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون